لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي ردعمل جي شدت  گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آهي ته اسان کي عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جو احساس آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت ڏکين معاشي حالتن ۾ به پوري محنت ۽ ڌيان سان عوام کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، لوڊ شيڊنگ گهٽائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مريم نواز خاطري ڪرائيندي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي. اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان دور جا ظالماڻا معاهدا اڄ به قوم مهانگائي پيٽرول ۽ مهانگي بجلي جي صروت ۾ ڀوڳي رهي آهي، مهانگائي گذريل چئن ورهين ۾ عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، مريم نواز چيو ته حڪومت ملڪ جو معاشي بنيادمضبوط ڪري رهي آهي، نواز ليگ ئي هڪ دفعو وري عوام کي رليف فراهم ڪندي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌاري خلاف پي ٽي آءِ جي احتجاج تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته باقي شرپسندي جيان ان سڏ تي به هڪ ماڻهو نه نڪتو، ٽوئيٽر بيان ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته عوام نه رڳو فتني، فساد ۽ ڀڳوڙي کي سمجهي چڪو آهي پر عوام اهو به ڄاڻي ٿو ته عمران جي پکڙيل تباهي سان جيڪڏهن ته ڪا پارٽي پاڪستان کي ڪڍي سگهي ٿي ته اها نواز ليگ آهي، اڃا ڪجهه وقت لڳندو پر پاڪستان بحرانن مان نڪري ايندو.