راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته قبول ڪيون ٿا ته قوم جي اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين، هاڻي سخت محنت ڪري واپسي ڪنداسين. بنگلاديش خلاف راولپنڊي ۾ ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿيڻ کانپوءِ ميچ پريزينٽيشن دوران ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽيم جي ڪارڪردگي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيم قوم جي سامهون سٺو کيڏڻ چاهي پئي، پر اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين. هن چيو ته پنهنجي غلطين مان سکنداسين، هاڻي نيوزيلينڊ جو دورو آهي جتي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سندس چوڻ هوته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ خلاف جيڪي غلطيون ٿيو اِهي نه ورجائينداسين ۽ نيوزيلينڊ ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. محمد رضوان ٽيم ۾ انجري وارن مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪي رانديگر آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي ۾ هئا ۽ پرفارم ڪيو، اُهي ٽيم جو حصو هئا پر اوچتو ڪنهن رانديگر جو انجري جو شڪار ٿيڻ ٽيم تي اثرانداز ٿيندو آهي. هن چيو ته ٽيم جو ڪامبنيشن سٺو هو پر صائم ايوب جي انجري پلان خراب ڪري ڇڏيو، ڪپتان طور سڀني شين کي نظر رکڻو پوندو آهي. پاڪستان جي بئنچ اسٽرينٿ بابت سوال تي هن چيو ته اِهو هڪ ڏکيو سوال آهي، پاڪستان جي بئنچ اسٽرينٿ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان کي پنج ٽيمن جي پاڪستان ڪپ کي ڏسڻو پوندو. هن چيوته جيڪڏهن اسان پاڪستان ڪرڪيٽ کي بلندين تي ڏسڻ چاهيون ٿا ته اسان کي شعور ۽ پروفيشنل مهارتن کي هٿي ڏيڻي پوندي.