ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌُر جو گوڙ، ميمبرن پاران هُل هنگامي واري ماحول ۾ بجيٽ تقرير ڪئي وئي، سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قومپرستي جا نعرا صوبائي خودمختياري سان ختم ٿي ويا،  ملڪ ۾ جيڪا  به جمهوريت آهي، اها پيپلزپارٽي قيادت جي قربانين ڪري آهي، ملڪ مان ارڙهين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڇا بچي ها؟  اهو ڪارنامو آصف علي زرداري جو آهي، هن چيو ته سنڌ صوبي جو هڪ سازش تحت ميڊيا تي اميج (ساک) خراب ڏيکاري پئي وڃي، سنڌ صوبو ايترو خراب آهي ته پوري ملڪ جا ماڻهو هتي ڇو ٿا اچن؟ سنڌ ۾ 47 سيڪڙو پنجاب ۽ 41 سيڪڙو ڪي پي جا ماڻهو ڇو اچي رهيا آهن؟ پوري پاڪستان جو رخ ڪراچي ڏانهن آهي،  جنهن کانپوءِ ظاهر آهي هتي پاڻي جي کوٽ به ٿيندي ۽ مسئلا به ٿيندا. هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ايندڙ هزارين مريض جو تعلق ٻين صوبن مان آهي، هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن صحافين جي حفاظت وارو بل پاس ڪيو، سنڌ حڪومت ورڪنگ جرنلسٽن جي حفاظت لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي،  فوٽو گرافرن جي تنظيم کي 20 لک ڏنا،  ڪراچي پريس جي گرانٽ 7 ڪروڙ ڪئي وئي آهي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه پريس ڪلب، ڪي يو جي ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن لاءِ ڌار ڌار گرانٽ رکي وئي آهي، هن چيو ته عام چونڊون ۾ 8 فيبروري تي سنڌ جي عوام اسان جو احتساب ڪيو، ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور مينڊيٽ سان ڪامياب ڪيو، سنڌ ڪابينا کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، 100 ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن به موڪل ناهي ڪئي، ايڪسائيز کاتي کي جيڪي ٽارگيٽ ڏنا ويا آهن، اهي پورا ڪنداسين، جعلي نمبر پليٽس خلاف ايڪسائيز کاتي جون ڪارروايون جاري آهن، هڪ ٽڪ ٽاڪر ويگو ۾ سنڌ پوليس جي جعلي نمبر پليٽ لڳائي گهمي رهيو هو، انهي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، گاڏين جي رجسٽريشن  جو سسٽم بايو ميٽرڪ وسيلي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته هاڻي ڪابه گاڏي رجسٽرڊ ٿيڻ کانسواءِ شوروم کان ٻاهر ئي نه نڪرندي انهي لاءِ جلد سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويندو، هن چيو ته منشيات جي خاتمي جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پهرين جولاءِ کان تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽  شاگردياڻين جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون، جنهن شاگرد جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ته ان کي مڪمل راز ۾ رکي والدين کي آگاهه ڪيو ويندو، هن چيو ته جيڪو به ماڻهو منشيات فروشي ۾ مبتلا آهن، اهو توبهه ڪري اهو ڌنڌو ڇڏي ڏين نه ته اسان کين نه ڇڏينداسين، آئيس  ۽ ڪرسٽل جي نشي سبب وڏن ماڻهن جا ٻار گهرن ۾ زنجيرن ۾ ٻڌل آهن، ڪراچي شهر ۾ قتل جا واقعا پڻ ان نشي جي واهپي جو نتيجو آهن، هن  چيو ته سمورا ايم پي اي منشيات جو واهپو ۽ وڪرو ڏسي ويڊيو ٺاهي مون کي اماڻين  هن چيو ته اسان الڳ نارڪو ٽڪس ونگ قائم ڪئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊبل اسٽوري بس اسٽاپ ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ وڌيڪ بسون اچن ته انهن لاءِ ٻيو منصوبو آڻڻ نه گهرجي. هن چيو ته شھيد بينظير آباد م پيپلز بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کان شڪايت آهي هن ڪراچي جي دوري دوران 150 بسن جو واعدو ڪيو، وفاقي بجيٽ ۾ اها رٿا موجود ناهي، اسان انهي تي احتجاج رڪارڊ  ڪرائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ مسافرن لاءِ ڪينٽ کان صدر ۽ ٻين علائقن مان کڻي بس اڏن تي ڇڏڻ لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪري رهيا آهيون. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عباسي شهيد اسپتال جي حالت خراب آهي ته انهي جو سوال صحت کاتي نه پر ڪي ايم سي کان ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪي فور منصوبي کانپوءِ ئي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي،پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد قائم علي شاھ تقرير ڪندي چيو ته اسان جيڪي ڪم 15 سالن ۾ ڪيا آهن اهي مخالف 100 سالن ۾ نه ڪري سگهندا،  هن چيو ته اسان کي جيڪو وفاق کان حق ملڻ گھرجي، اهو ناهي مليو، اسان جو زرداري صاحب تمام گهڻا ڪم ڪري ٿو جو ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن،  حيرت ۾ پئجي ويندا آهن. بلاول ڀٽو به اسان جو سياڻو آهي پر ماٺيڻو آهي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جو به ڪو پتو ناهي، ماربل سٽي به ڪٿي نظر نه آيو ، وڏو وزير تقرير ۾ وفاق سان واعدن جا شڪوه ڪندو رهيو آهي، آئون کانئس سوال ڪريان ٿو ته ٽي پي ون ماربل سٽي منصوبو رڳو ڪتابن ۾ رکيل آهن 2021-22 واري تقرير ۾ حب ڪئنال جو ذڪر ڪيو ويو اڄ به تقرير ۾ ساڳيون ڳالهيون آهن، هن چيو ته حڪمران منصوبا رڳو ڪتابن ۾ شامل ڪري اپوزيشن کي تنقيد جو موقعو ميسر ڪن ٿا،  2014 کان خراب حڪمراني آهي الزام صرف 9 مهينن جي نگران حڪومت تي ڇو  پيو هنيو وڃي؟ هن چيو ته حيدرآباد جي بينظير فلاءَ اوور واري 2016 ع جي اسڪيم مڪمل ناهي ٿي، حڪمران شهيد بينظير جي نالي جو خيال رکن ها ته به چڱو ڪم ڪن ها، ڪراچي حڪومت جي ترجيح ناهي پر چوندا آهن ته  ڪراچي ۾ به ڪم اسان جي ذميواري اهي، هنن جي قول فعل ۾ تضاد آهي مون رڳو ڪراچي نه ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي اسڪيمن جو ذڪر ڪيو آهي.