ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪئنالن کي درياءَ تي ڌاڙو سمجهي پاڻي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن کي ڀليڪار ڪري ٿي. بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو احتجاج کي تشدد ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا. سنڌ جي سول سوسائٽي، اديبن ۽ دانشورن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته وڪيلن يا سول سوسائٽي ڪئنال مامري تي اي پي سي سڏائين ته جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙجي ، پ پ قومپرستن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهي.