قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 77 مخصوص سيٽون بحال: ن ليگ 45 ۽ پ پ کي 15 ملنديون

0
19
اپوزيشن جي احتجاج دوران مختلف وزارتن لاءِ 712 ارب جي گرانٽ منظور: قومي اسيمبلي ۾ هنگامو
اپوزيشن جي احتجاج دوران مختلف وزارتن لاءِ 712 ارب جي گرانٽ منظور: قومي اسيمبلي ۾ هنگامو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽون نظرثاني ڪيس ۾ فيصلي سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 77مخصوص سيٽون بحال ٿي ويون، 77 مخصوص سيٽون حڪومتي اتحاد ۾ ورهائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ٿي ويو، حڪومتي اتحاد کي قومي اسيمبلي ۾ 22 ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 55 سيٽون ملي ويون، قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد کي عورتن جون 19 ۽ اقليتن جون 3 مخصوص سيٽون ملي ويون. جن ۾ مسلم ليگ ن کي 15،پيپلزپارٽي کي 4 سيٽون ملنديون، فيصلي سان 22 قومي اسيمبلي ، ڪي پي ڪي اسيمبلي 25 ، پنجاب اسيمبلي 27 ۽ سنڌ اسيمبلي جون ٽي مخصوص سيٽون بحال ٿيون، ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 25 مخصوص سيٽن مان جي يو آءِ ف کي 10، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي کي 7- 7 ۽ هڪ مخصوص سيٽ اي اين پي کي ملندي، پنجاب اسيمبلي جي 27 مخصوص سيٽن مان مسلم ليگ ن کي 23 ، پيپلزپارٽي کي 2  ، ق ليگ ۽ استحڪام پارٽي هڪ هڪ مخصوص سيٽ ملندي. سنڌ اسيمبلي جي ٽن مخصوص سيٽن مان ٻه پيپلزپارٽي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم کي مخصوص سيٽ ملندي.