لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هاءِ پرفارمنس ڊائريڪٽر عاقب جاويد اعتراف ڪيو آهي ته قومي ٽيم جي موجوده ڪارڪردگي ڪنهن به فارميٽ ۾ اطمينان بخش ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسڪلز ڊولپمينٽ ڪيمپ مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي شروعاتي طور تي ڪوچز سان متعارف ڪرايو ويو. هاڻي ٽئين مرحلي ۾ گهڻو ڪري شاهين جا رانديگر شامل آهن جن کي انگلينڊ وڃڻو آهي ۽ ايندڙ مرحلن ۾ آسٽريليا جي دوري ۽ ريڊ بال رانديگرن لاءِ تياري ڪئي ويندي. عاقب جاويد چيو ته ڪنهن جي به خامي کي ڇهن يا ست ڏينهن ۾ مڪمل طور تي ختم نٿو ڪري سگهجي، پر رانديگرن کي انهن جي ڪمزورين کان ضرور آگاهه ڪيو پيو وڃي. آل رائونڊرز ۽ فاسٽ بالرز جو تعداد وڌائڻ اسان جي ترجيح آهي ۽ هي پروگرام آڪٽوبر تائين جاري رهندو. هن چيو ته ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو نئون چڪر شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ پاڪستان وٽ سٺا موقعا آهن، ٽيم جي اعلان تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ئي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو. عاقب جاويد چيو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان جهڙن سينيئر رانديگرن کي به بهتري لاءِ پوائنٽس ڏنا ويا آهن، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ محمد وسيم جي فٽنيس ۾ به بهتري آئي آهي ۽ ٻئي ڪيمپ ۾ بالنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ايشيائي حالتن ۾ منعقد ڪيا ويندا جتي 200 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻيون پونديون، تنهن ڪري صرف اهي رانديگر جيڪي پنهنجي ڪردار ۾ فٽ هوندا، بيٽنگ آرڊر ۾ اهم هوندا، چاهي اهي سينيئر هجن يا نوجوان. هن وڌيڪ چيو ته بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ مختلف ڪمبينيشن آزمايا ويندا، حارث رئوف کي به موقعو ڏنو ويندو، ۽ ٽيم جو اعلان سيريز جي نوعيت مطابق ڪيو ويندو.