لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر نذير جونيئر جي گهرڀاتين سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي. نذير جونيئر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪجهه ڏينهن کان سخت بيمار هو ۽ گذريل ڏينهن طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال نيو ويو. وارثن موجب، نذير جونيئر پنج ورهيه اڳ هڪ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو جنهن کانپوءِ سندس طبعيت خراب رهڻ لڳي هئي. واضح رهي ته نذير جونيئر جي طبعيت خراب ٿيڻ تي سندس پٽ نعمان نذير ڪجهه ڏينهن اڳ پي سي بي ۽ اعليٰ اختيارين کان علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪئي هئي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مرحوم نذير جونيئر 14 ٽيسٽ ۽ چئن هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن مجموعي طور تي 37 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.