لنڊن (اسپورٽس نيوز) پنهنجي گائيڪي جي انوکي انداز سبب سموري دنيا ۾ مقبول سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ڪرڪيٽرز کي ڪارائتا مشورا ڏئي ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويو ۾ سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريندي چيو ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾آمريڪا کان هارائي وئي ۽ هاڻي بنگلاديش کان، مون کي لڳي ٿو ڪرڪيٽرن کير پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن هو ڪرڪيٽ کيڏندو هو ته ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کير پيئندو هو، جنهن سبب جسم تندرست رهندو هو، قومي ڪرڪيٽرن کي ڌونئرو، ميووا ۽ کير استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هر ٽيم مٿان زوال ايندو آهي، هڪ وقت هو جڏهن ڀارتي ٽيم ميچ نه کٽي سگهندي هئي ۽ هاڻي سموري دنيا ۾ بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي. چاهت فتح علي خان چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان ٽيم سان ڪهڙو مسئلو آهي، رانديگرن ۾ اعتماد جي کوٽ آهي يا ڪو ٻيو سبب ٿي سگهي ٿو.