ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽنڊ آدم ۾بيدردي سان قتل ٿيل قومي ڪارڪن افضل لنڊ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ضلعي صدر ايوب ڪوريجو، صدام زنگيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سٺ ميل ۾ نوجوان اتحاد شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن الھ وسايو لنڊ اسرار علي لنڊ آصف علي لنڊ ذاڪر حسين لنڊ ۽ ٻين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. نوشهروفيروز ۾ سنڌ سڀا پاران عمران چانڊيو، عطا الله رحمان تڳر ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوان جتوئي ۾ جسقم طرفان امتياز علي کوسو خادم حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ جئي سنڌ محاذ پاران عيدگاھ روڊ تي باغي ڪالرو، وقار بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سن ۾ صحافي اتحاد جي سڏ تي عبدالحميد سنڌي، تراب علي شاھ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ڪنري ۾ محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، عظيم خاصخيلي ۽ صالم سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميرپوربٺورو ۾ قادر بخش زنئور، انور خاصخيلي، الطاف چانگ، نعمان شورو ۽ بابو عثمان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.شھدادڪوٽ ۾ شاگرد سٿ ۽ الست سنگت جي سڏ تي معتبر چانڊيو، اسد سنڌي، وسيم کوسو، فيصل مستوئي، نعيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو، شڪارپور ۾ جسم ڪارڪنن اسدالله سومرو، عمران منگي، احسان جيهو، مير ھڪڙو ۽ ٻينجي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، لعلورائنڪ ۾ قومپرست ڪارڪن افضل لُنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ياسين بليدي، ساگر تنيو، مجاهد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،بدين ۾ صنم نهڙيو، ذيشان انصاري، ستار مغيري ۽ شفقت حسين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو،