سن: جيئي سنڌ قومي محاذ جَي چيئرمين صنعان خان قريشي جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي سن ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا عظيم ماڻهو ظلم جو نشانو بڻجي رهيا آهن
صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، حڪومت جي بي ڌياني سبب اڄ به ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ويراني جا منظر پيش ڪري رهيا آهن
صنعان قريشي چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي نوجوانن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي، ڇا اِهو ظلم ناهي ته پوليس جي سرپستي ۾ منشيات جو ڪاروبار ٿئي؟
صنعان خان قريشي الزام هنيو ته سنڌ پوليس منشيات خلاف ايڪشن کڻڻ بدران محفوظ طريقي سان منشيات پهچائي ٿي، رڻ رڳو قومي ڪارڪنن خلاف ٻريل آهي
صنعان قريشي چيو ته سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي تي ايندڙ ڪارڪنن سان ظلم ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اسان تي ڪو ڪيس آهي يا اسان ڪنهن غلط سرگرمي ۾ ملوث آهيون ته اُھا شئي سامهون آندي وڃي