قومي پاڻي پاليسي

0
40
قومي پاڻي پاليسي

 حڪومت پاڪستان طرفان اپريل 2018 ۾ قومي پاڻي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ پاليسي ۾ 2030 تائين هيٺيان هدف حاصل ڪرڻ لاءِ شامل ڪيل آهن:

(1) دريائي وهڪرن ۾ 46 سيڪڙو زيان ٿيندڙ پاڻي ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ.

(2) نوان پاڻي ذخيرا (Dams) ٺاهي، پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 24 ملين ايڪڙ فوٽ تائين پهچائڻ.

(3) آبپاشي جي لاءِ نوان طريقا يعني ڊرپ (DRIP) ۽ اسپرنڪلر (Sprinkler)  جو استعمال ڪرڻ. انهن نون جديد آبپاشي طريقن سان زرعي پيداوار ۾ 33 سيڪڙو واڌ آڻڻ.

(4) واسطيدار قومي پاليسين ۽ حاصل ٿيڻ جهڙن ترقياتي هدفن  (Sustainable Development Goals)  سان مطابقت رکندڙ پيئڻ جي پاڻي ۽ گندي پاڻي (Sanitation) لاءِ منصوبا ٺاهڻ.

(5) پراڻي آبپاشي سسٽم جي مرحلي وار تبديلي ۽ ٻيهر اڏاوت.

(6) ارسا جي ذريعي دريائي وهڪرن جي ماپ لاءِ 2021ع تائين ٽيليميٽري سسٽم لڳائي پاڻي استعمال جو صاف شفاف حساب ڪتاب رکڻ.

(7) قومي ۽ صوبائي سطح تي دريائن، واهن، برساتي پاڻي، جر جي پاڻي جي سطح، زمين کان مٿان يا جر جي پاڻي جو معيار چڪاسڻ ۽ پاڻي ذخيرن ۾ لٽ جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ اعلى معياري ۽ هڪ ڪرو طريقه ڪار ٺاهڻ.قومي پاڻي پاليسي ۾ صوبن کي اهو اختيار ڏنو ويو ته هو قومي پاليسي تحت پنهنجن صوبن ۾ پاڻي جي سار سنڀال ۽ استعمال لاءِ پنهنجو رخ متعين ڪري سگهن ٿا. قومي پاليسي ۾ هر صوبي ۾ زمين کان مٿي ۽ جر جي پاڻي لاءِ الڳ الڳ ادارن ٺاهڻ لاءِ چيو ويو آهي. ملڪي سطح تي قومي پاڻي ڪائونسل وزير اعظم جي سربراهي ۾ تجويز ٿيل آهي. انهيءَ ڪائونسل جا ميمبر چئني صوبن جا وزير اعلى/آبپاشي وزير هوندا. ڪائونسل سال ۾ هڪ دفعو گڏجاڻي ڪندي. قومي پاليسي ۾ مقرر ڪيل هدفن مان ذخيرن (Dams) ٺاهڻ واري هدف تي ڪم شروع آهي. سنڌو درياهه تي ڀاشا ڊيم، محمدن ڊيم ۽ داسو ڊيم تي ڪم هلي رهيو آهي. سنڌو درياهه تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ چين جي مدد سان داسو ڊيم کانسواءِ بنجي ڊيم، پتڻ ڊيم ۽ ٽاڪوٽ ڊيم ٺاهڻ منصوبي ۾ شامل آهن.سنڌو درياهه يا ان جي ڀرتو ندين تي جيترا به نوان ڊيم يا بئراج ٺاهيا ويندا، اهي اندس ڊيلٽا ڏانهن ايندڙ پاڻي ۾ گهٽتائي جو سبب ٿيندا. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سمنڊ تيزي سان انڊس ڊيلٽا جي زمين ڳڙڪائيندو اڳتي وڌندو پيو اچي. قومي پاڻي پاليسي ۾ سامونڊي کاڌ (Seawater Intrusion) جي عنوان هيٺ ڄاڻايل آهي ته سامونڊي کاڌ، سامونڊي پٽي جي زراعت تي خراب اثر وڌو آهي ۽ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي ويهه لک ايڪڙ زمين سامونڊي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. سامونڊي کاڌ کي روڪڻ ۽ درياهه جي ايڪالاجي کي بچائڻ لاءِ گهربل ماحولياتي وهڪرن جو ٻيهر تخمينو لڳائڻ پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.مرڪزي حڪومت جي هڪ رپورٽ مطابق، انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري انڊس ڊيلٽا جو 92 سيڪڙو علائقو سامونڊي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. ٻي طرف سنڌ حڪومت جي دعوا مطابق ڊيلٽا جي 32 لک ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي. جيستائين ماحولياتي وهڪرن جو تعلق آهي ته حڪومت سنڌ 1991 واري پاڻي ٺاهه وقت ماحولياتي وهڪرن لاءِ ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گهر ڪئي هئي، جيڪا ان وقت نه مڃي وئي ۽ وڌيڪ اڀياس لاءِ اهو معاملو رکيو ويو. 2005ع ۾ عالمي ماهرن جي اڀياس مطابق ماحولياتي وهڪرن لاءِ 5000 ڪيوسڪ روزانو ۽ 25 ملين ايڪڙ فوٽ هر پنجين سال پاڻي ڇڏڻ  تجويز ڪيل آهي. جيڪڏهن اسين اهي ٻئي اسم ملايون ته اهو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ساليانو ٿئي ٿو. 1991ع کان وٺي اڄ تائين ماحولياتي وهڪرن جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. ٻوڏ وارن سالن ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي وڃي ٿو، باقي سالن ۾ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ نه هئڻ برابر هوندو آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري عالمي بينڪ جي رپورٽ مطابق پاڪستان کي هر سال 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. 2018 کان اڄ تائين نئين اڀياس لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، انهيءَ ڪري مرڪزي حڪومت کي کپي ته في الوقت عالمي ماهرن طرفان ڊيلٽا لاءِ سفارش ڪيل پاڻي يقيني بنائي ته جيئن  وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي. مرڪزي حڪومت کي سنڌو درياهه جي ايڪالاجي ۽ انڊس ڊيلٽا کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ نئين اڀياس لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن، پر انهيءَ اڀياس ۾ ستلج ۽ راوي ندي جو ماحولياتي اڀياس شامل نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي راوي ۽ ستلج درياهه لاءِ گهربل ماحولياتي وهڪرن جو پاڻي اولهندي دريائن مان کنيو وڃي. پاڻي پاليسي ۾ پاڪستان جي ٽنهي اولهندي دريائن ۾ ساليانو ايندڙ پاڻي، ڪابل ندي جي 21.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سميت 138.4 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايل آهي. ٻين ملڪن مان ايندڙ دريائن جي پاڻي ورهاست (Trans Boundary Water Sharing)  جي عنوان هيٺ هندستان سان ٿيل سنڌ طاس معاهدي جو ذڪر ڪيل آهي، پر افغانستان مان ايندڙ پاڻي لاءِ ڪنهن به قسم جو ٺاهه ٿيل نه آهي ۽ نه ئي پاليسي ۾ اهڙي ٺاهه جي ڪوشش جو ذڪر ٿيل آهي. حقيقت ۾ افغانستان مان ايندڙ پاڻي ملڪي پاڻي جي ويهه سيڪڙي جي قريب آهي. اسان جا درياھ چين جي علائقي تبت وٽان شروع ٿين ٿا. حڪومت کي افغانستان مان ايندڙ پاڻي کي ترجيح بنيادن تي اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ ان کان پهرين جو افغانستان ڪو وڏو قدم کڻي ايندڙ پاڻي روڪي ڇڏي، ان سان ڪو ٺاهه ڪرڻ گهرجي. چين سان پڻ انھيءَ سلسلي ۾ اڳڀرائي ٿيڻ کپي.

مرڪزي پاڻي پاليسي ۾ موسمياتي تبديلين ڪري دريائي پاڻي ۾ گهٽتائي جو انديشو ڏيکاريل آهي. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي جي اسم نمبر 10 ۾ پاڻي مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ڄاڻائي وئي آهي، جنهن تحت:

(1) آبپاشي جي سڌريل طور طريقن تي عمل ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح تي منصوبو ٺاهڻ.

(2) ملڪ ۾ واهن ذريعي آبپاشي (Flood Irrigation) تي جيترو جلد ٿي سگهي، بندش وجهڻ لاءِ قدم کڻڻ.

(3) ٻجن جي نون قسمن جي اهڙي جنس متعارف ڪرائڻ، جيڪا گهٽ پاڻي تي وڌيڪ پيداوار ڏي، گهٽ گرين هائوس گيس جو سبب بڻجي، جيڪا گرمي جو مقابلو ڪري ۽ جنهن تي مرض گهٽ اثر ڪري.

دنيا ۾ ايندڙ موسمياتي تبديلين ڪري اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهيون. انهن تبديلين ڪري اسان وٽ پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ بجاءِ حڪومت کي آبپاشي نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ موجودهه آبپاشي نظام جي جاءِ تي ڊرپ (DRIP) ۽ اسپرنڪلر نظام کي جلد کان جلد رائج ڪرڻ آهي.

گذارشون:

(1) قومي پاڻي پاليسي ۾ دريائي وهڪرن جي صحيح ماپ ۽ ان جو حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم 2021 کان پهرين لڳائڻ جو لکيل آهي. انهيءَ تي ڪم اڃا شروع نه ٿيو آهي. مرڪزي حڪومت کي اهو ڪم جلد کان جلد شروع ڪرائڻ کپي.

(2) سنڌو درياھ ۽ ان جي ڀرتو ندين ۾ ايندڙ پاڻي جي استعمال جي آڊٽ غير جانبدار پاڻي ماھرن کان ڪرائي وڃي.

(3) قومي پاليسي ۾ اولهندي دريائن تي مٿين ڀر ٺهندڙ بجلي گهرن ۽ آبادي جي ڪري پوندڙ اثرن جو اڀياس ڪرائڻ جو ذڪر آهي. مرڪزي حڪومت کي گذارش آهي ته ملڪ اندر سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ٺهندڙ بجلي گهرن، ڊيمن ۽ بئراجن ڪري سنڌ ۽ انڊس ڊيلٽا تي پوندڙ منفي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميشن مقرر ڪيو وڃي.

(4) قومي پاڻي پاليسي ۾ 1991 واري پاڻي ٺاهه لاءِ ارسا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان ٺاهه تي من و عن عمل ڪيو وڃي. افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ارسا 1994ع کان اڄ تائين پاڻي ورڇ ٺاهه جي شق نمبر 2 تحت ڪرڻ جي بجاءِ ٽه رخي فارمولي هيٺ ڪري رهي آهي، جيڪو ٺاهه جي روح جي خلاف آهي. مرڪزي حڪومت کي انهيءَ خلاف ورزي تي ڌيان ڏيڻ کپي ۽ ذميدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.

(5) جر جي پاڻي کي قومي پاڻي ذخيري ۾ شامل ڪيو وڃي.

قومي پاڻي پاليسي ۾ صوبن کي مليل اختيارن تحت سنڌ حڪومت 22 جون 2023 تي سنڌ پاڻي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. انهيءَ جو جائزو ٻي مضمون ۾ ورتو ويندو.