ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو اوپنر فخر زمان انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو آهي. اربع ڏينهن چيمپيئنز ٽرافيءَ جي پهرين ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي فخر زمان انجري جو شڪار ٿيو، جنهن سبب هاڻي هو باقي ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سرڪاري طور تي تصديق ڪندي چيو آهي ته فخر زمان جي انجري سنجيده نوعيت جي آهي، جنهن سبب هو ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. سندس جاءِ تي امام الحق کي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.آءِ سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي فخر زمان جي جاءِ تي امام الحق کي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته پاڪستان ٽيم جو ايندڙ مقابلو ڀارت سان آهي، قومي ٽيم وڏي مقابلي لاءِ دبئي رواني ٿي وئي، جتي ٻئي ٽيمون 23 فيبروري تي آمهون سامهون ٿينديون ٻئي طرف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فخر زمان چيو ته سڀ کان وڏي اسٽيج تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ هر قومي ڪرڪيٽر لاءِ هڪ اعزاز ۽ خواب آهي، فخر آهي ته مون کي به پاڪستان جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ٿيو.هن چيو ته بدقسمتي سان هاڻ مان چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر آهيان پر يقينن الله بهترين منصوبي ساز آهي، مان گهر مان پنهنجي رانديگرن کي سپورٽ ڪندس، هيءَ ته رڳو شروعات آهي، واپسي هن ڌچڪي کان وڌيڪ مضبوط هوندي.