لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي نوجوان بيٽر هيري بروڪ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025 تان هٿ کڻي ورتو .پرڏيهي خابرو اداري موجب، انگلش بيٽر هيري بروڪ، جنهن کي جوز بٽلر جي جاءِ تي انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي، آءِ پي ايل جي ايندڙ سيزن لاءِ دهلي ڪيپيٽلز جو حصو هو.ڪرڪيٽر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان جاري لکيو ته ”مون هڪ آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي ۽ هلندڙ سيزن ۾ حصو نه وٺندس، مان دهلي ڪيپيٽلز کان معذرت ڪيان ٿو.“ هن وڌيڪ چيو ته ”مون کي ڪرڪيٽ سان پيار آهي ۽ ننڍپڻ کان منهنجو خواب رهيو آهي ته مان پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪريان، هي انگلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ هڪ اهم وقت آهي ۽ مان ايندڙ سيريز لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ چاهيان ٿو. “ بروڪ اعتراف ڪيو ته سڀ ماڻهو سندس فيصلي کي نه سمجهي سگهندا، پر هو پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏڻ کي پهرين ترجيح ڏيندو. ذريعن موجب، اهڙي فيصلي کانپوءِ بروڪ کي آءِ پي ايل ۾ ٻن سالن جي امڪاني پابندي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ڇو ته ليگ جي قاعدن موجب پرڏيهي رانديگرن جي دير سان دستبرداري تي پابندي لڳي سگهي ٿي، پر انجري يا خاص حالتن ۾ ڇوٽ ڏئي سگهجي ٿي.واضح رهي ته بروڪ گذريل سيزن دوران به دهلي جي ٽيم سان پنهنجو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو هو، انڊين پريميئر ليگ جو 18هون سيزن 22 مارچ کان شروع ٿيندو.