ڪراچي (اسپورٽس نيوز)ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته ڪيتريون ئي نيون شيون ٿيڻ واريون آهن، مان ٽائيٽل کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، گذريل سال بهترين پرفارم ڪيو آهي تفصيل موجب پي ايس ايل سيزن 10 لاءِ ڪراچي ڪنگز جي تربيتي ڪيمپ شروع ٿي وئي آهي، هيڊ ڪوچ روي بوپارا ۽ فاسٽ بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڪراچي ڪنگز جو شان مسعود به اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي. قومي فاسٽ بالر حسن علي چيو ته روي بوپارا وٽ تمام گهڻو تجربو آهي جيڪو اسان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، سين ٽائيٽ سان منهنجو تجربو سٺو رهيو. هن چيو ته فرنچائز جا سمورا رانديگر بهترين پرفارمنس ڏئي ايونٽ کي ڪامياب بڻائيندا، انفرادي طور سٺي پرفارمنس ڪري پاڪستاني ٽيم ۾ واپس اچڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن قومي ٽيم پرفارمنس نه ڏئي سگهي ته ان سان ڪرڪيٽ تي فرق پوندو آهي. حسن علي جو چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ اهڙي پرفارمنس نه ڏٺي آهي، گهڻو ڪري نيوزيلينڊ جي دوري تي نون رانديگرن کي ڏنيون وينديون آهن. ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر چيو ته سڀني کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻو آهي ته جيئن روٿ شائقين کي اسٽيڊيم ۾ واپس آڻي سگهي. حسن علي وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل جو پليٽ فارم نوجوانن لاءِ اهم آهي، سينيئر رانديگرن جي ڪارڪردگي کين پاڪستاني ٽيم ۾ واپس آڻي سگهي ٿي.