لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ جو اعلان ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽن موجب، 4 مئي تائين جمع ڪرايل درخواستن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ ڪرڻ شروع ڪيا ويا، جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن تجويز ڪيل نالن ۾ سڀ کان مٿي هو. اڳوڻي ڪيوي ڪوچ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عملدارن سان شروعاتي ڳالهين جو هڪ دور ڪيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي پسند جو عملي پاڻ سان گڏ رکڻ جي شرط رکي آهي. بورڊ هن وقت هن مطالبي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر ڳالهين جا دروازا کليل آهن. ان کان علاوه، ملڪي ڪوچ پڻ قومي ٽيم جي ڪوچنگ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آهن. جن نالن تي بحث ٿي رهيو آهي انهن ۾ ثقلين مشتاق ۽ مصباح الحق شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان عبدالرزاق پڻ گرين شرٽس سان ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ٻئي طرف، سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس پڻ ايندڙ هفتي سڏايو پيو وڃي، جنهن ۾ بنگلاديش خلاف 5 ٽي 20 ميچن لاءِ رانديگرن جي نالن تي غور ڪيو ويندو.