لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بابراعظم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته شاداب خان نائب ڪپتان هوندو. پي ايس ايل ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪندڙ نوجوان رانديگرن فاسٽ بالر احسان الله، صائم ايوب ۽ زمان خان کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته احسان الله کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. اسڪواڊ سڀاڻي لاهور ۾ جمع ٿيندو جتي ترتيبي ڪيمپ 7 اپريل تي شروع ٿيندي. ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ بابراعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، افتخار احمد، احسان الله، عماد وسيم، محمد حارث، محمد نواز، محمد رضوان، نسيم شاهه، صائم ايوب، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود ۽ زمان خان شامل آهن. ون ڊي اسڪواڊ ۾ بابراعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، فخر زمان، حارث رئوف، حارث سهيل، احسان الله، امام الحق، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، شان مسعود ۽ اسامه مير شامل آهن.