لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ صلاح مشوري جو عمل جاري آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هيڊ ڪوچ لاءِ درخواستن جي آخري تاريخ جو انتظار ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي 4 مئي تائين درخواستون طلب ڪيون آهن، جنهن کان پوءِ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزي لينڊ جو مائيڪ هيسن پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي. مشاورت جي عمل ۾ مائيڪ هيسن جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي، ۽ امڪان آهي ته مائيڪ هيسن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو، ذريعن موجب، مائيڪ هيسن هن وقت اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هيڊ ڪوچ آهي، ۽ نئين هيڊ ڪوچ کي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ذميواري ڏني ويندي. پاڪستاني ٽيم جو ايندڙ مشن بنگلاديش خلاف ٽي 20 سيريز آهي. 5 ميچن جي ٽي 20 سيريز جا ٻه ميچ فيصل آباد ۽ ٽي ميچ لاهور ۾ ٿيندا. بنگلاديشي ٽيم 21 مئي تي پاڪستان پهچندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صاحبزاده فرحان، حسين طلعت، حسن علي، فهيم اشرف ۽ علي رضا کي بنگلاديش خلاف سيريز ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.