حيدرآباد دکن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ کانپوءِ آسٽريليا به پاڪستان کي وارم اپ ميچ ۾ هارائي ڇڏيو، آسٽريليا جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪئي. مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 351 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان گلين ميڪسويل 77 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته آل رائونڊر ڪيمرون گرين 50 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. وارنر ۽ انگلس48- 48 رنسن جي اننگ کيڏي لبوشين 40 مارش 31 اسڪور ڪيو. پاڪستان طرفان اساما مير 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، وسيم، حارث، نواز ۽ شاداب جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي فاسٽ بالرحارث رئوف انتهائي مهانگو بالر ثابت ٿيو هن جي 9 اوورن ۾ ڪينگروز رانديگرن 97 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم جڏهن بيٽنگ ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿي ته ان جون 3 شروعاتي وڪيٽون تڪڙيون ڪري پيون. بابر ۽ افتخار احمد ٽيم کي سهارو ڏنو پر ان جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ وري لائن لڳي وئي ۽ اهڙي ريت پوري ٽيم 337 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي ريت ڪينگروز 14 رنسن تان ميچ کٽي ويا. بابر 90، افتخار احمد 83 رنسون ٺاهيون. محمد نواز به ففٽي هڻي ويو.