لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد کي زمبابوي جي ويزا ملي وئي آهي، جنهن بعد اهو رات دير سان لاهور کان دبئي رستي زمبابوي جي گادي واري هنڌ هراري ڏانهن روانو ٿي ويو، هراري پهچڻ بعد عاقب جاويد قومي اسڪواڊ کي جوائن ڪندو. واضح رهي ته زمبابوي خلاف ٽي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 24 نومبر تي کيڏي ويندي.