اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي هيرو ارشد نديم کي هلال امتياز ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي هلال امتياز سان نوازيو. ياد رهي ته ارشد نديم پيرس اولمپڪس جي جيولن ٿرو مقابلي ۾ 92.97 ميٽر ٿرو پري اڇلائي گولڊ ميڊل کٽيو هو. ارشد نديم پاڪستان جو پهريون رانديگر آهي جنهن ڪنهن ورلڊ ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، ان کان اڳ پاڪستان هاڪي ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو. وزيراعظم هائوس ۾ به ارشد نديم جي اعزاز ۾ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي هئي، جڏهن ته آرمي چيف طرفان جي ايچ ڪيو ۾ به قومي هيرو جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي هئي. پنجاب جي وڏي وزير کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، گورنر سنڌ ۽ گورنر پنجاب پڻ ارشد نديم کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.