حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ کان 3 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ محبت سنڌ ثقافتي مچ ڪچھري ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ عظيم تھذيب جي سرزمين آھي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. سنڌ جا ماڻھو ڏوھن ۽ ڪرپشن کان نجات چاھين ٿا. سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي. ڪرپٽ ماڻھن سنڌ جي وسيلن کي لٽي عظيم تھذيب جي سرزمين جي مالڪن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. اڄ کان 3 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ محبت سنڌ ثقافتي مچ ڪچھريون ڪري تعليم، ميرٽ، شفافيت لاءِ ۽ ڪرپشن، ڏوھن ۽ اليگل اميگرينٽس جي نيڪالي لاءِ جدوجھد جو پيغام ڏنو ويندو. هن چيو ته افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا. پوءِ شناختي ڪارڊ ڏنا وڃن ٿا. اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن انھن کي نيڪال نه پيو ڪيو وڃي.