ٺٽو/ميرپور ساڪرو(نمائندن وٽان) سنڌوءَ تي اڏجندڙ 6 تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران 4 ڏينهن وارو ساڪرو کان ٺٽو شهر تائين پيادل مارچ شروع ٿي ويو آهي، 25 فيبروري کان 28 فيبروي تائين نڪتل 4 ڏينهن وارو پيادل مارچ ٺٽي جي مختلف شهرن ساڪرو، ليٽ اسٽاپ، لڌيا اسٽاپ، گھارو شهر، ٿھيم ڳوٺ، گجو شهر، مڪلي کان ٿيندو 28 فيبروري تي ٺٽو رڪشا اسٽاپ پھچندو، جتي قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا، جڏهن ته ساڪرو شهر کان پهرين ڏينهن تي نڪتل قومي عوامي تحريلڪ جو پيادل مارچ ساڪرو کان 13 ڪلوميٽر جو پيادل مارچ ڪري ليٽ اسٽاپ پهچندو، جتي رات ترسڻ بعد اڄ گھارو طرف روانو ٿيندو، جڏهن ته پيادل مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، ضلعي صدر ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، مرتضي لاشاري، شفيع محمد ميمڻ علي، وڪيو ميربحر، امين جوڻيجو، غفور سومرو، غني مالھيو ۽ ٻين اڳواڻن عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه اسان جي ريڊ لائين آھي، 6 ڪئنال ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن، ھي 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، هنن چيو ته 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بيابان بنجي ويندي. وفاقي حڪومت ڪئنال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نه لٿي ته سنڌ جو عوام پنجاب ويندڙ رستن کي بند ڪندو.