ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو گولاڙچي کان نڪتل پيادل قافلو ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌي ادبي سنگت جي طرفان گلن جي ورکا ڪري پيادل قافلي ۾ شامل پانديئرن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، پيادل قافلي ۾ شامل ڊاڪٽر لعل چند ڀيل، ڊاڪٽر رام سنگھ، علي شير پنهور، ڀائو ڪولهي، ميوو ڀيل ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال قائم ڪرڻ ۽ سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ جي خلاف پيادل سفر شروع ڪري ٻٻرلو جي تاريخي ڌرڻي ۾ شامل ٿي وڪيلن ، قومي ڪارڪنن سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين ، سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار سنڌ دشمن سازش آهي جنهن ۾ سنڌ کي هميشه لاءِ تباھ برباد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي سنڌ جو عوام پنهنجي جياپي جي جنگ لاءِ هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي سنڌ جي حقن تي ڪنهن کي به داڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ، پنهنجي آخري پساھ تائين ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمين تي والار خلاف جدوجهد جاري رکنداسين ، جڏهن ته پيادل قافلي جي آجيان ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي ، جسقم اڳواڻ فياض بروهي ، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته اسان پيادل قافلي جي آجيان ڪئي آهي ۽ ازم ڪريون ٿا ته سنڌ جي خلاف هر سازش کي هاڻي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ، سنڌي عوامي پنهنجي حقن لاءِ هاڻي جاڳ ٿي چڪو آهي .