اسلام آباد(م ڊ + بيورو رپورٽ) وزيراعظم قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ ڀارتي قدمن جي جواب جو فيصلو ڪيو ويندو، اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندو، سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس گهرائڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اجلاس ۾ ڀارت کي جواب ڏيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو جنهن بعد جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي، فضائي حدن جي ڀڃڪڙي تي اڀينندن جي صورت ۾ ڏنل جواب ڀارت کي ياد هوندو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته ڀارت پهلگام واقعي تي ٻين تي الزام هڻڻ بدران خود احتسابي ڪري، جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي، پاڪستان تي الزام هڻڻ مناسب ناهي، اهو به امڪان آهي ته حملو ڀارت جو فالس فليگ آپريشن هجي. هن چيو ته ڀارت کان به ڪير پڇي ته جيڪڏهن والاريل ڪشمير ۾ بي ڏوهه ماڻهو ماريا پيا وڃن ته اتي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود 7 لک فوجي ڇا ڪري رهيا آهن؟ اسان دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا، دهشتگردي سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، پاڪ فوج هر هنڌ دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون، ٽي ٽي پي جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته ڀارت وڏي وقت کان سنڌ طاس معاهدي مان نڪرڻ چاهي پيو، ڀارتي قدم تي فوري طور جواب ڏيڻ مناسب نه هوندو، پاڪستان پاران ڀارت کي جامع جواب ڏنو ويندو، ڀارت جو خيال آهي ته سنڌ طاس معاهدو ان جي مفاد ۾ ناهي، سنڌ طاس معاهدي ۾ صرف ڀارت ۽ پاڪستان ناهي پر عالمي بينڪ ۽ ٻيون عالمي ڌريون شامل آهن، ڀارت هڪطرفي فيصلي سان معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، ڀارت ايئن معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪنداسين.