سيالڪوٽ(م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته قومي يڪجھتي جي اظهار کي پي ٽي آءِ باني جي شرڪت سان مشروط ڪرڻ حب الوطني کي مشروط ڪرڻ جي برابر آهي.  خانگي ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته پلواما وقت اسان جي قيادت پي ٽي آءِ بانيءَ جي فرمائش تي قيد هئي.  جيلن کان ٻاهر موجود قيادت پي ٽي آءِ باني جي گھرايل بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي هئي . هن چيو ته  پي ٽي آءِ باني ان بريفنگ ۾ اسان سان گڏ ويهڻ کان انڪار ڪيو هو. اسان ڪڏهن قومي اتحاد ۾ رنڊڪ ناهي وڌي. سندس چوڻ هو ته وطن ۽ ان جي سلامتي شخصيتن ۽ ليڊر شپ کان وڌيڪ اهم هوندي آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءُ بابت وفاقي وزير جو چوڻ هو ته رافيل جھاز اڏائڻ لاءِ دل کپي، ڀارتي پائليٽ ته چانهه پي واپس هليا ٿا وڃن.