ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ۾ شڪست تي ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا. ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ پاڪستان نيوزيلينڊ هٿان ون ڊي سيريز به هارائي ويو، ٻي ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي. قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جو چوڻ هو ته جن پچن تي سوئنگ ۽ بائونس هوندو اتي اسان جي ٽيم بنا مقابلي جي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي. هن وڌيڪ چيوته پاڪستاني بيٽر چيلهه کان مٿي وارو بال نه ٿا کيڏي سگهن، پاڪستاني ٽيم جديد ڪرڪيٽ کان گهڻو پوئتي آهي.