لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو نئون اڀرندڙ بيٽر صائم ايوب انگلينڊ مان علاج ڪرائڻ بعد پاڪستان پهچي ويو آهي، پي سي بي اڪيڊمي ۾ صائم ايوب جو فٽنيس ٽيسٽ وٺڻ بعد پي ايس ايل ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويندو، خبر موجب صائم ايوب ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ۾ ٽيسٽ ميچ دوران پير جي هڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ علاج لاءِ کيس انگلينڊ روانو ڪيو ويو، جتي ٽن مهينن کان علاج جاري رهيو، جيڪو اڱاري ڏينهن مڪمل ٿيو هو، صائم ايوب گذريل ڏينهن لاهور پهتو هو، نيشنل اڪيڊمي ۾ قومي بيٽر جو فٽنيس ٽيسٽ ورتي ويندي جنهن بعد هن کي پي ايس ايل ۾ کيڏائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، فٽنيس ٽيسٽ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ صائم ايوب پي ايس ايل ٽيم پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندو ۽ بنگلاديش خلاف سيريز ۾ کيڏائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، قومي بيٽر صائم ايوب جي انگلينڊ مان واپسي تي ميڊيڪل رپورٽ پڻ صحت جي حوالي سان اهم قرار ڏني وئي آهي.