لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم مشهور ماڊل ۽ اداڪارا زباب رانا کي چتائي ڏسڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ بابر اعظم ۽ زباب رانا کي هڪ تقريب دوران گڏ ڏسي سگهجي ٿو، جتي بابر اڻ تڻ محسوس ڪندي پريشان نظر اچي رهيو آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مداحن طرفان وڊيو تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، هڪ واهپيدارن لکيو ته ” بابر، پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول ڪر، هڪ ٻئي واهپيدار چيو ته ” لڳي ٿو بابر هيئر اسٽائلسٽ بڻجڻ چاهي ٿو!“ جڏهن ته هڪ واهپيدار ته اِهو به لکيو ته ” هتي بابر ماڊل سان فلرٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي!“