ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) ٽيم پاڪستان شاهينز ٽاپ اينڊ ٽي 20 سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڊارون جو سفر ڪندي، خبر موجب قومي اي ٽيم مسلسل ٽئين سال ٽورنامينٽ لاءِ آسٽريليا جو سفر ڪري رهي آهي.ٽاپ اينڊ ٽي 20 سيريز 14 کان 24 آگسٽ تائين آسٽريليا جي شهر ڊارون ۾ منعقد ٿيندي. هن ايونٽ ۾ ڪل 11 ٽيمون حصو وٺنديون، سيريز جو پهريون ميچ 14 آگسٽ تي پاڪستان شاهينز ۽ بنگلاديش اي جي وچ ۾ ٿيندو. 2023 ۾، پاڪستان شاهينز فائنل ۽ گذريل سال سيمي فائنل ۾ پهتي.پي سي بي جي سي او او سمير احمد سيد ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان شاهينز مسلسل ٽئين سال هن ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيو آهي، هي ٽورنامينٽ نوجوان رانديگرن کي تجربو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو.