اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ جو وزير اعظم پاران ارسا چيئرمين جي مقرريءَ خلاف احتجاج ڪيو آهي.  قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالھائيندي پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبر سيد نويد قمر چيو ته شديد آئين جي خلاف ورزي ٿي آھي، سي سي آءِ جو فورم اُن ڪري قائم ڪيو ويو آھي ته صوبن جا مسئلا حل ٿيندا آھن، پر نگران حڪومت ھڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنھن تحت صوبن جا سمورا اختيار ختم ڪيا ويا آھن. ڇو ته ارسا جي ھر صوبي جي مقرر ميمبر مان مرحلي وار ارسا چيئرمين ٿيندو آھي. ھاڻ نگران حڪومت جي آرڊيننس تحت ارسا چيئرمين جي مقرريءَ جا اختيار وزير اعظم يعني وفاقي حڪومت کي ڏنا ويا آھن ان آرڊيننس تحت صوبن جا اختيار ڦٻايا ويا آھن جنھن تي سنڌ مان چونڊيل ميمبرن شيم شيم جا نعرا لڳايا. سيد نويد قمر پنھنجي تقرير جاري رکندي چيو ته آرڊيننس ذريعي ميجر پاليسي شفٽ ٿي آھي اھو غيرآئيني آرڊيننس آھي نگران حڪومت کي ڊي ٽو ڊي افيئر بابت فيصلا ڪرڻا ھئا اھڙو آرڊيننس جاري ڪرائڻ جو نگران حڪومت وٽ اختيار ئي نه ھيو. سي سي آءِ جي منظوريءَ کان سواءِ اھو آرڊيننس جاري ڪرايو ويو. اُھا آئين جي کليل خلاف ورزي آھي. جيڪا نه ٿيڻ گھرجي ھا پر بدقسمتيءَ جي ڳالھ اھا آھي ته اُن غير آئيني نگران حڪومت ۾ جاري ٿيل آرڊيننس تي وزير اعظم پھريون قدم کڻندي جلدبازيءَ ۾ چيئرمين ارسا به مقرر ڪري ڇڏيو آھي. اھو آرڊيننس اڃا پارليمينٽ ۾ ناھي آيو، اُن تي ڪو بحث ناھي ٿيو. مان حڪومت کان مطالبو ڪريان ٿو ته ھي آرڊيننس واپس ورتو وڃي. آئين تي عمل ڪيو وڃي. صوبن جا حق غضب نه ڪيا وڃن. فيڊريشن کي تباھ نه ڪيو وڃي. اسان ون يونٽ جي دور ۾ واپس نٿا وڃڻ چاھيون. اسان حڪومت جي من ماني نٿا چاھيون. پھرين ڏينھن ۾ صوبن جي حقن ۾ انڪروچيمينٽ ڪنداسين ته پوءِ وفاق ڪيئن مضبوط ٿيندو .اِن عمل جي مذمت ڪريان ٿو ۽ مطالبو ڪريان ٿو ته فوري طور تي ارسا چيئرمين جي مقرري جو فيصلو واپس ورتو وڃي مان اميد ڪريان ٿو ته وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن کي اِن صورتحال بابت معلوم ھوندا اُھي ھن ايوان ۾ بيھي اسان کي يقين ڌھاني ڪرائيندا. اُن وقت وفاقي وزير رانا تنوير ۽ ڄام ڪمال موجود ھئا. پر ٻنھي پاران مطالبي باوجود اِن معاملي تي ڪا به يقين ڌھاني يا وفاقي حڪومت پاران موقف پيش نه ڪيو ويو.