اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس، مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ جي خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج، واڪ آئوٽ، قومي اسميبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. مخالف ڌرجي اڳواڻ عمر ايوب پوائنٽ آف آڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري. اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ايوان ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. نعريبازي ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون. پي ٽي آءِ ميمبر عمران خان کي آزاد ڪريو جا نعرا لڳائڻ بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا .جنهن بعد پي ٽي آءِ ميمبر حامد رضا ڪورم جي نشاندهي ڪئي. ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جي ڪاروائي 15 منٽن لاء معطل ڪئي وئي , ڪوروم پورو ٿيڻ تي اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته پ پ ميمبرن وزيرن جي غيرموجودگي، جنڪوز جي ملازمن ۽ يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ سبب 10 هزارن کان وڌيڪ ملازمن جون ملازمتون ختم ٿيڻ جي امڪان جو مسئلو اُٿاريو. وزير دفاع خواجه آصف چيو ته مان وزيرن جي غيرموجودگيءَ تي حڪومت جو دفاع نه ڪندس. وزير مصروف آھي ته پارلياماني سيڪريٽري کي جواب ڏيڻ لاء موجود هجڻ گهرجي ٻئي جواب لاء موجود نه هجڻ جو مامرو ناقابل قبول آھي ان معاملي متعلق وزير اعظم ۽ پارٽي قيادت سان ڳالهائيندس. راجا پرويز اشرف چيو ته يوٽيلٽي استورز کي بند نه ڪرڻ جو اعلان وفاقي وير رانا تنوير ڪيو هو پر هاڻي بند ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه حتمي آهي. وفاقي وزير رانا تنوير چيو ته سياسي بنيادن تي يوٽيلٽي اسٽورز کولي، ملازم ڀرتي ڪيا ويا. صرف هڪ تڪ مان ٽي سو ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو. يوٽيلٽي اسٽورز کي بند نه ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي ملازمن کي مستقل ملازمن کي ڪو خطرو نه آھي .