اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي موٽر وي جو ذڪر، ميمبرز پاران خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي ايڪسپريس ناهي، ان کي موٽر وي چوڻ موٽر وي جي توهين آهي، هي موٽر وي سڀ کان وڌيڪ ٽول ٽيڪس ڏي ٿو، ان جي حالت به سڀني کان وڌيڪ خراب آهي، نويد قمر چيو ته اسين ڳالهيون نه پر فزيڪلي ڪم چاهيون ٿا، گهٽ ۾ گهٽ وزيراعظم کي موٽر وي جو جواب ڏيڻ گهرجي، پارلياماني سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته هي موٽر وي صرف سنڌ جو نه سڄي پاڪستان جو آهي، اسان فزيبلٽي ۽ الائنمينٽ تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم ميمبر مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم نائن موٽر وي جو مسئلو سيڪريٽري نه وزيراعظم سطح جو آهي، وزيراعظم سان ڳالهائڻ گهرجي، ڪراچي مان لکين گاڏيون نڪرن ٿيون، پوليس وارا ڪروڙين رپيا رشوت وٺي هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ ڇڏين ٿا ، پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان جواب ڏنو ته ڪراچي حيدرآباد موٽر وي لاءِ 6 نيون لائنون ٺاهيون پيون وڃن، مصطفيٰ ڪمال چيو ته حيدرآباد سکر نه پر سکر کان ڪراچي موٽر وي جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ افراتفري ٿي ويندي، پوءِ چوندا گاڏين کي ڪير ساڙي رهيو آهي، ڪراچي کان لکن جي تعداد ۾ هيوي گاڏيون نڪرن ٿيون، سنڌ مان اضافي ٽول ٽيڪس اوڳاڙي تي به احتجاج ڪيو ويو، ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ سوال ڪيو ويو ته اين ايچ اي ڪهڙي قانون تحت هڪ ضلعي مان 3 ٽول ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي؟ ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي وسيم خان چيو ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي تي ٻن مهينن اندر ٽول ٽيڪس 460 رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن تي پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان جواب ڏنو ته اين ايچ اي وٽ ٽول ٽيڪس اوڳاڙي کان سواءِ روڊن جي مرمت لاءِ بجيٽ ناهي، هاءِ وي تي 30 ڪلو ميٽرز تي ٽول ٽيڪس لڳائي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام ڪشمير جي متلق قرارداد پيش ڪئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي منظور ڪيل قرارداد ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان مقبوضه ڪشمير جي مسلمانن سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان ڀارتي ظلم، جبر جي مذمت ڪري ٿو. پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر چيو ته هي حڪومت موديءَ جي يار حڪومت آهي، تحريڪ انصاف ڪيترن ئي سالن کان فسطائيت جو شڪار آهي. اسان جو ليڊر حق جي رستي تي بهادريءَ سان بيٺل آهي. عامر ڏوگر پاران جيڪو موديءَ جو يار آ غدار آ غدار آ جا نعرا هڻايا.