قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري پاران ڪورونا وائرس جو شڪ ظاهر ڪرڻ بعد دلچسپ صورتحال
ماسڪ پهري ايوان ۾ پهتل اويس لغاري چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ڪورونا وائرس آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڇا توهان اسان کي ڊيڄاري رهيا آهيو؟
اويس لغاري چيو ته اڃا چيڪ اپ نه ڪرايو آهي پر وائرس جون علامتون موجود آهن
حڪومتي ميمبرز چيو ته اويس لغاري اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي ڀاڪر پائي ايوان مان نڪري وڃي، ميمبرز جي دلچسپ جملي بازي تي ايوان ۾ ٽهڪڙا
اويس لغاري ايوان مان نڪرڻ وقت هٿ ملائڻ لاءِ عمر ايوب ڏانهن وڌيو عمر ايوب ڀاڪر پائڻ لاءِ اٿي بيٺو
اسپيڪر جي اجازت ڏيڻ تي اويس لغاري پنهنجي کاتي بابت سوالن جا جواب ملتوي ڪري ايوان مان نڪري ويو