اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي مختلف ڪاميٽين جا اجلاس اڄ ٿيندا . سينيٽ جي ريلوي بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي تي اڳڀرائي جي جائزي سان گڏ رڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان ريلوي ڪنيڪٽوٽي منصوبي بابت به ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي، سينيٽ جي فوڊ سڪيورٽي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي اي آر سي پاران 2024-25 دوران چين کان امپورٽ ڪيل زرعي مشينري ۽ چين کان تحفي طور مليل زرعي مشينري بابت بريفنگ ڏني ويندي، ڪاميٽي کي پاسڪو پاران سال 2024 دوران خريد ڪيل ڪڻڪ بابت بريفنگ سوڌو خرد برد جي مامرن بابت به بريفنگ ڏني ويندي . قومي اسيمبلي جي غربت جي خاتمي بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران مستحقن کي ادائگين بابت بريفنگ ڏني ويندي.