اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٻن ڏينهن جي وقفي بعد قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ٿيندا، قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن صبح يارنهين وڳي ٿيندو، قومي اسيمبلي ۾ اڄ باضابطه مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ تي بحث جو آغاز ٿيندو، پارلياماني روايتن موجب وفاقي بجيٽ تي بحث جو آغاز اپوزيشن ليڊر جي تقرير سان ٿيندو آھي، ان ڪري امڪان آھي ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪندو. ائين سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي ٿيندو سينيٽ جي اجلاس ۾ به اپوزيشن ليڊر شبلي فراز پاران بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪرڻ جو امڪان آھي.