اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس جي 23 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل ۽ اليڪٽرانڪ ڪرائم جي روڪٿام بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ به شامل ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪندو. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اليڪٽرڪ ڏوهن جي روڪٿام بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ به ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل جي قيام متعلق بل تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ميمبر امين الحق ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل بل 2024 تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪندو.