قومي اسيمبليءَ ۾ ڪينالن خلاف قرارداد ۽ پ پ جي ٻڏ تر

0
65
قومي اسيمبليءَ ۾ ڪينالن خلاف قرارداد ۽ پ پ جي ٻڏ تر

ڪالھ اربع ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب تقرير ڪندي سنڌو مٿان ڪينالن واري مامري تي ڳالهايو آھي. عمر ايوب خان جو چوڻ هو ته، “صدر آصف زرداري 8 جولآءِ 2024 تي ان حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. ن ليگ جي وزيرن پيپلزپارٽي کي چيلينج ڪيو آھي ته پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ صدر پاڪستان سنڌ جي حصي جو پاڻي ايس آءِ ايف سي ۽ چولستان ڪينال کي ڏئي ڇڏيو آھي. پيپلزپارٽي ان حوالي سان پنهنجي صفائي پيش ڪري. صدر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيڻ حقيقت آھي”. عمرايوب جي بيان تي پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڳالهائڻ ٿي چاهيو ۽ حڪومت به پاڻ تي ٻين مامرن بابت الزامن ۽ تنقيد جو جواب ڏيڻ پئي چاهيو پر عمر ايوب جي تقرير بعد پي ٽي آءِ ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا ۽ ڪجھ پي ٽي آءِ جا ميمبر ڪورم جي نشاندهي لآءِ اسپيڪر جي ڊائيس تي پهچي ويا. ظاهر آھي ڪورم جي نشاندهي ٿيڻ بعد ڪورم جي ڳڻپ نه ڪرائڻ ممڪن نه هو پر عمر ايوب جي تقرير بعد فلور مملڪتي وزير طلال چوڌري کي ڏنو ويو. ان اڃان ڳالهائڻ شروع ڪيو هو ته آذان اچي وئي. جنهن جي احترام ۾ طلال چوڌري کي تقرير روڪڻي پئجي وئي. آذان اچڻ تائين اسيمبلي جي اسٽاف ايوان ۾ موجود ميمبرن جي ڳڻپ ڪري اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر کي ڪورم کان گهٽ ميمبر هجڻ کان آگاه ڪيو. اهو ئي سبب آھي ته آذان بعد ڊپٽي اسپيڪر طلال چوڌري کي جوابي تقرير مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بجآءِ اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان ڪري پيپلزپارٽي جو به ڪو ميمبر عمر ايوب جي تقرير جو جواب نه ڏئي سگهيو.

8 جولاءِ 2024 تي ٿيل آصف زرداري جي صدارت ۾ اجلاس مهينن کان ملڪ اندر سڀ کان وڏو بحث جو موضوع بڻيل آھي. پيپلزپارٽي ان اجلاس جي صدارت آصف زرداري پاران نه ڪرڻ کان انڪار نه ڪري رهي آھي. سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ وارو مامرو سنڌ ۾ جئئڻ مرڻ جو مامرو تصور ٿيڻ بعد هاڻي پيپلزپارٽي اهي وضاحتون ڏئي رهي آھي ته صدر کي ڪينالن بابت منظوري ڏيڻ جو قانوني آئيني اختيار ئي نه آھي. پيپلزپارٽي جي اها ڳالھ درست آھي پر سوال هي آھي ته صدر اختيار نه هجڻ باوجود ان اجلاس جي صدارت ڇو ڪئي؟ صدر پاران ڪينالن بابت اجلاس جي صدارت ڪرڻ وارو مامرو ايترو به سادو نه آھي، جيترو پيپلزپارٽي پيش ڪري رهي آھي. جن صدر کان  اجلاس جي صدارت ڪرائي، ڇا انهن کي اهو معلوم نه هو ته اهو صدر جي دائرهء اختيار کان ٻاهر آھي؟ منهنجي خيال ۾ اهو سمجهڻ ته بي خيالي يا اڻ ڄاڻائي ۾ اهو اجلاس صدر جي صدارت ۾ ٿيڻ واري سوچ رکڻ انتهائي غلط ٿيندو، ڇو ته صدر آصف زرداري سنڌ ۾ حڪمران پارٽي جو ڪرتا ڌرتا آھي. پيپلزپارٽي ان جي پاليسي جي تقليد ڪندي آھي. منهنجي خيال ۾ صدر جي صدارت ۾ اجلاس ڪرڻ جو مقصد سنڌ حڪومت کي پيغام ڏيڻ هو ته هن منصوبي بابت صدر يعني پيپلزپارٽي جو سربراه آن بورڊ آھي پر سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ وارو مامرو ايترو وڏو ٿي ويندو، شايد اهو ڪنهن جي وهم گمان ۾ نه هو. هاڻي جڏهن ڪينالن جي مامري تي سنڌ جو هر طبقو واضح ٿي روڊن تي اچي چڪو آھي، سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ جي پيپلزپارٽي کي پرک ٿي وئي آھي، ڇو ته ڳڙهي خدابخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي آيل پيپلزپارٽي جي جيالن پاران به بلاول ڀٽو کان بار بار ڪينالن تي ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اهو مطالبو پيپلزپارٽي لآءِ اکيون پٽي سڌو رستو اختيار ڪرڻ لآءِ ڪافي آھي پر پيپلزپارٽي اڃان به سڌو رستو وٺڻ بجآءِ مامري کي اينگهائڻ جا گس وٺي رهي آھي. ان جو هڪ مثال سومر ڏينهن جي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي آھي.

اوهان کي ٻڌايان ته عيد کان اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب تقرير ڪري چيو هو ته، “اسان سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف قرارداد پيش ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن سان ٻيهي ٿي يا انهن جي ڪک ۾ خنجر هڻي ٿي”. پي ٽي آءِ پاران ڪيل اعلان بعد اهو واضح امڪان پيدا ٿيو هو ته قومي اسيمبلي مان سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف قرارداد پيش ٿيڻ بعد منظور ٿي سگهي ٿي. عيد بعد جڏهن گذريل سومر واري ڏينهن اجلاس ٿيو ته پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪينالن خلاف قومي اسيبمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ جي حوالي سان سرگرمي ڏيکاري. قومي اسيمبلي مان قراراد منظور ٿيڻ جو اهو مقصد اهو نه آھي ته سنڌو مٿان ٺهندڙ ڪينالن جي تعمير رد ٿي ويندي، ڇو ته قومي اسيمبلي جي قرارداد جي قانوني حيثيت نه آھي پر قومي اسيمبلي جي قرارداد جي علامتي حيثيت جي اهميت معمولي نه آھي. سوال هي آھي ته ڇا پيپلزپارٽي کي ڪينالن جي تعمير روڪرائڻ لاءِ قرارداد پيش ڪرڻ گهرجي ها يا ڪينالن جي رٿا کي رد ڪرائڻ يا روڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي وٽ ڪو ٻيو موثر رستو موجود هو؟ ان سوال جو جواب اهو آھي ته پيپلزپارٽي کي علامتي حيثيت رکندڙ قرارداد آڻڻ بجاءِ کيس ان کان به موثر رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو موثر رستو شهباز شريف جي حڪومت سان سڌو ۽ واضح ڳالهائڻ جو آھي. پيپلزپارٽي شهباز حڪومت اڳيان واضح موقف رکي ته ڪينالن جي رٿا واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي اپوزيشن جي بينچن تي اچي ويهندي. سچ اهو آھي ته پيپلزپارٽي وٽ اهو ئي موثر رستو ۽ هٿيار آھي، ڇو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ هي وفاقي حڪومت قائم نٿي رهي سگهي. باقي پي ٽي آءِ سميت اپوزيشن وٽ ان رٿا خلاف ڳالهائڻ يا ان خلاف قرارداد آڻڻ کانسواءِ رستو نه آھي پر ان مامري تي مون پي ٽي آءِ اهم اڳواڻن کان جيڪا معلومات ورتي آھي، اها هي آھي ته پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته سنڌو مٿان ڪينالن جي منظوري پيپلزپارٽي جي صدر ڏني آھي، ان ڪري پي ٽي آءِ ڪينالن خلاف پيپلزپارٽي جي قرارداد جي حمايت نه ڪندي. پي ٽي آءِ پاڻ ڪينالن خلاف قرارداد آڻڻ گهري ٿي، پوءِ ڀلي پيپلزپارٽي ان قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏئي ان کي منظور ڪرائي. ڏسجي ته سنڌو مٿان ڪينال ڪڍڻ واري مامري خلاف قرارداد آڻڻ جي حوالي سان سياسي ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ جو خيال رکيو پيو وڃي پر ان حوالي سان پوءِ به پيپلزپارٽي کي ڪريڊٽ بجاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ڪينالن خلاف قرارداد قومي اسيمبلي مان منظور ٿي وڃي. پيپلزپارٽي اها قرارداد پاڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر پي ٽي آءِ وارا سومر ڏينهن واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. ايم ڪيو ايم به کين ڪو جوڳو جواب نه ڏنو. اهو ئي سبب آھي ته ميمبرن کان صحيون ڪرائڻ باوجود منهنجي اطلاعن موجب، اها قرارداد پيپلزپارٽي ان ڪري جمع به نه ڪرائي سگهي آھي ته قرارداد جمع ڪرائڻ بعد اها قرارداد ڪٿي ايوان ۾ آڻي ان تي ووٽنگ نه ڪرائي وڃي. اگر پيپلزپارٽي جي جمع ٿيل قرارداد ووٽنگ ۾ رد ٿي وڃي ٿي ته پيپلزپارٽي لاءِ ڪينالن جو مسئلو اڃان وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندو. ان ڪري پيپلزپارٽي کي ڪينالن خلاف قرارداد منظور ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻ گهرجي ها ۽ پي ٽي آءِ کان اها قرارداد پيش ڪرائي ان جي سپورٽ ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ها. ان سان قرارداد منظور ٿي پئي سگهي پر ڪريڊٽ کڻڻ جي مامري ڪري اها قرارداد رولڙي جو شڪار آھي.

پيپلزپارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته ڪينالن واري مسئلي تي ان کي سنڌ جا ماڻهو تنقيد جو هدف ان ڪري بنائي رهيا آھن جو سنڌ مان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ مليل آھي. توڙي جو ان مينڊيٽ تي مخالف ڌر آڱريون کڻي ٿي پر سنڌ مان مليل مينڊيٽ جي بنياد تي اها سنڌ ۾ حڪمران پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جي اھم اتحادي هجڻ سان گڏ اختيارن ۾ حصي دار آھي. جنهن سنڌ کيس اها پوزيشن ڏني آھي، اها سنڌ ڪينالن جي رٿا نٿي چاهي ته پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏيندڙ عوام جي موقف سان گڏ بيهڻ گهرجي. اهو نٿو ٿي سگهي، نه ئي اهڙو ڪوئي رستو موجود آھي جنهن سان پيپلزپارٽي ڪينالن جي حامين کي به راضي ڪري سگهي ۽ ڪينالن جي مخالفت ڪندڙ سنڌ کي به مطمئن ڪري سگهي. پيپلزپارٽي کي ڪنهن هڪ طرف سڌو ٿي بيهڻو پوندو. فيصلو پيپلزپارٽي کي ئي ڪرڻو آھي. باقي اگر ان خوف کان ته ڪي ڌريون حڪومت کان ڌار ٿيڻ سان پيپلزپارٽي تي ناراض ٿي سگهن ٿيون، جي خوف ۾ مبتلا ٿي بس وقت ٽپايو پاليسي اختيار ڪئي ويندي ته هي ڪينالن خلاف ماڻهن جي راءِ ان سان تبديل نه ٿيندي پر پيپلزپارٽي کي به انهيءَ صف ۾ ماڻهو بيهاريندا، جنهن صف ۾ ڪينال ٺاهيندڙن کي بيهاريو پيو وڃي. اهو به پيپلزپارٽي کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به پارٽي لاءِ جمهوريت ۾ عوامي راءِ سڀ کان وڏي مرتبي واري هوندي آھي. عوامي راءِ جي ابتڙ هلندڙ هميشه سهارن جي آسري هوندا آھن ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته اهي مصنوعي سهارا هميشه نه ملي سگهندا آھن. ان ڪري سياسي جمهوري پارٽين لاءِ وڏو سهارو عوام هجي ٿو. اهو سهارو قائم دائم تڏهن رهي سگهي ٿو، جڏهن عوامي خواهشن مطابق پاليسيون اختيار ڪيون وڃن.