اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سيڻ خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ٿي وئي آهي ۽ ايف آءِ اي کانئس جائداد جا تفصيل گھري ورتا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب قمر جاويد باجو جي سيڻ صابر مٺو خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي صابر مٺو خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ڪئي آهي. صابر مٺو کي نوٽيس جاري ڪري 23 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي. صابر مٺو کان اندون ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ جائدادن جا تفصيل گھريا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب صابر مٺو خلاف ڪال اپ نوٽيس سندس ٽن گھرن تي پهچايا ويا،نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجن آف شور ڪمپنين شيل ڪمپينن جو رڪارڊ به کڻي اچو. پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪري جو سمورو رڪارڊ کڻي اچو، ايف آءِ اي پاران چيو صابر مٺو کي چيو ويو آهي ته توهان ۽ توهان جي فيملي جي پرڏيهه اچڻ وڃڻ جو رڪارڊ به کڻي اچو. ايف آءِ اي موجب صابر مٺو جا 19 بينڪ اڪا.ئونٽس آهن، جن مان 14 اڪائونٽ پاڪستاني بينڪن ۾ آهن ۽ 5 ۾ پرڏيهي بينڪن ۾ آهن. انهن اڪائونٽن ذريعي 534 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.