قمر جاويد باجوه، فيض حميد، ثاقب نثار، آصف سعيد کوسه ۽ عظمت سعيد مُلڪ توڙي عوام جا ڏوهاري آهن، نواز شريف جون لنڊن ۾ پارٽي اڳواڻن سان اهم ملاقات دوران ڳالهيون
نواز شريف چيو آهي ته 2017ع ۾ سُکئي ستابي ملڪ کي سازش تحت تباهي ڪناري تي پهچايو ويو، ٺڳن جي ٽولي کي ملڪ ۽ عوام تي مڙهيو ويو، سازش ۾ شامل ڪردارن کي انجام تائين پهچائڻ بنا ملڪ اڳتي نه وڌندو
ملاقات ۾ شهباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، نواز شريف جي ڏيهه واپسي، چونڊن جي تياري ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا
هن کي به پڙهندا
نواز ليگ سان سياسي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪريو: چوڌري شجاعت جو آصف زرداري کي مشورو