قمبر (رپورٽ: عبدالرحيم منگي) قمبر جي جاگير واري علائقي جي ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين فياض حسين چانڊيو ۽ حاڪم علي چانڊيو ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ مارجي ويل 4 ڄڻن جي خونن ۽ 2 زخمين جو راڄوڻي فيصلو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر ۽ برادري جي تمندار ۽ محمد پناھ چانڊيو جي سر پئنجي ۾ غيبي ديرو ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايم اين اي رسول بخش چانڊيو، شاهنواز چانڊيو، لياقت چانڊيو،وڪيل آصف سومرو، پرويز چانڊيو، طارق چانڊيو سميت ٻنهي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جهيڙي ۾ فياض چانڊيو جي ڌر جي مارجي ويل 3 ڄڻن مولابخش چانڊيو، محمد چانڊيو ۽ ظهور احمد چانڊيو جا خون حاڪم چانڊيو جي ڌر مٿان ثابت ٿيا، في خون جي بها 65 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، مارجي ويل ظهور احمد جي لاش جي بي حرمتي ڪرڻ جا 25 لک، جڏهن ته جهيڙي ۾ ساڳئي ڌر جي زخمي ٿيل 2 ڄڻن مان علي محمد جا 25 لک ۽ ٻئي زخمي حسنين چانڊيو جا 7 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو. اهڙي طرح حاڪم چانڊيو جي ڌر مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 52 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، حاڪم علي چانڊيو جي ڌر جي هڪ ڄڻي سراج احمد جو خون فياض چانڊيو جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 65 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو،ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 3 ڪروڙ 17 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته حاڪم چانڊيو جي ڌر جي ماڻهن جي زمين ۽ گهرن جي بها وچ وارا مشير طئي ڪندا،اهي ڳوٺ ۾ نه رهندا، ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي جو کنيل سامان واپس ڪيو ويندو.فتويٰ پڙهي ٻڌائي وئي جيڪا بروقت ڌرين قبول ڪئي، بعد ۾ هڪ ڌر جي فياض چانڊيو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن اهڙو وڊيو بيان به سوشل ميڊيا تي رکيو، محمد پناھ چانڊيو جو چوڻ هيو ته فياض چانڊيو فيصلي ۾ موجود هيو هن فيصلو مڃيو، خبر نه آهي ته پوءِ هو ڇو ڦري ويو، اسان ته ڌرين جي خير لاءِ ڪم ڪيو ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي. ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ 3 سال اڳ 5 هزار رپين جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان خونريز جهيڙو شروع ٿيو هو، جنهن ۾ فياض چانڊيو جي ڌر جا 3 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ڪيا ويا، جڏهن ته حاڪم علي جي ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو هيو. ٻي طرف فياض چانڊيو جو سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته جبرن ڏاڍائي واري فتويٰ ٻڌائي وئي آهي، مان فيصلي کي نه ٿو مڃان، هي طاقتور وڏيرن جا ماڻهو آهن، ماڻهو به آهي ئي مارائيندا آهن فيصلو به اهي ٿا ڪن، هي ماڻهو وري به اسان کي جهيڙي طرف وٺي وڃن ٿا هن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ ايس ايس پي قمبر کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.