قمبر (رپورٽر)قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رابيل عرف سڪندر حيات ٻرڙو کي عمر قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ڄاڻايل 3 ڄڻن شبير احمد، فيض احمد عرف فيضل ۽ لياقت ٻرڙو کي آزاد ڪري ڇڏيو، جوابدارن خلاف 9 سال اڳ پراڻي تڪرار تان ڳوٺ گهٽهڙ ۾ شعبان بليدي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل هو.