قمبر(رپورٽر)قمبر جي ڳوٺ گهوگهاري واسي آبادگارسليمان کوکرڪڻڪ جا مناسب اگهه نه ملڻ خلاف پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهون ڪيون، آبادگار جو چوڻ هئو ته ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، سرڪار طرفان ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ خريداري نه ڪرڻ جي ڪري واپارين هڪ هٽي قائم ڪري ڪڻڪ جو في مڻ 2 هزار روپين ۾ خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سان فصل تي آيل خرچ به نه ٿا نڪرن جنهن سبب قرضي ۽ ڪنگال بڻجي وينداسين، گذريل سال ڪڻڪ جو في مڻ 4 هزارن وڪرو ڪيو، هن چيو ته آبادگارن تي رحم ڪيو، توهان کي اڌ پگهار ملي ته گذران ڪيئن ڪندا، ڪڻڪ جا مناسب اگهه ڏئي زراعت کي تباھ ڪرڻ کان بچايو وڃي .