قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن خانگي بئنڪ عملي جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، متاثرن اڪبر خاصخيلي،سونو خان چنو،ممتاز چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ ڊهي ويل گهرن جي تعمير لاءِ آيل رقم وٺڻ لاءِ مختلف ڳوٺن مان هتي اچون ٿا پر بئنڪ انتظاميه جي نااهلي عملي جي کوٽ سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري واپس ڪيو وڃي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته رقم جي ورهاست وارو طريقو آسان بڻائي پريشانين کان بچايو وڃي.