قمبر(رپورٽر) قمبر لڳ عورت مبينا زهريلي دوا کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ الابخش مغيري ۾ 25 سالن جي فائزه زال رجب مغيري گهرو اڻبڻت تان فصل کي ڏيڻ لاءِ گهر اندر رکيل زهريلي جيت مار دوا کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، کيس بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، فوت ٿي ويل عورت جي ڀاءُ نور حسين شابراڻي جو چوڻ هو ته فوتي ڀيڻ جو مڙس روزگار جي سلسلي ۾ سعودي عرب ويل هيو، سندس گهر ڀاتين جو منهنجي ڀيڻ سان رويو صحيح نه هيو، جنهن تان هن دل برداشت ٿي آپگهات ڪيو.