قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ گرمي پد وڌي وڃڻ بعد ماڻھو بچاءَ لاءِ ٿڌيون شيون استعمال ڪرڻ لڳا، شھر جي مختلف چوڪن چوراهن سميت ٻاهرين روڊن تي ٿاڌل ۽ قلفين سميت ٿڌين شين جا اسٽال لڳي ويا، رپورٽ موجب گرمي پد 50 سينٽي گريڊ تي پهچڻ بعد ٿڏين شين جو استعمال وڌي ويو آهي، ان ڏس ۾ شھر جي مختلف چوڪن چوراهن توڙي شھر جي ٻاهرين روڊن تي  ٿاڌل ۽ قلفي سميت ٿڌي مشروبات جا اسٽال  لڳي ويا آھن، لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ روڊن رستن تان پيادل توڙي گاڏين خاص ڪري موٽر سائيڪل سوارن طرفان گرمي کان بچڻ لاءِ خاص طور ٿاڌل جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ٿاڌل جي اسٽالن تي ماڻھن جو وڏو انگ هر وقت موجود رهي ٿو، تاڌل ٺاهڻ لاءِ هاڻي بجلي تي هلندڙ جديد قسم جا ڏنڊا ڪونڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي۾ ٿاڌل جي اسٽال تي ايندڙ ماڻھن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٿاڌل ۾ ڪو به ڪيميڪل وغيرهه استعمال نٿو ٿئي، سڀ قدرتي شيون استعمال ڪيون پيون وڃن، جنهن ڪري اها حاڃيڪار ناهي، هنن چيو ته گرمي کان بچاءَ لاء ٿاڌل استعمال ڪرڻ گهرجي، اها ايتري مهانگي به ناهي، جڏھن ته ٻي مشروبات بوتل، جوس وغيرهه مهانگا آھن، هوڏانهن روڊن رستن تي کير سان ٺهيل قلفين جا اسٽال به ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آھن.