لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني جي نگرانيءَ ۾ قمبر ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ قمبر، وارهه، ميروخان ۽ شهدادڪوٽ جي چئن ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ وارهه ۽ ميروخان جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ وارهه جي ٽيم 175 رنسون ٺاهي ميروخان جي ٽيم کي شڪست ڏئي چئمپين جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي مهمان خاص ڊي ايس پي قمبر واجد علي مگسي، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني ۽ ٻين ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون، انفرادي اسپورٽس ڪٽس ۽ ٻيا انعام ورهائي کين مبارڪباد ڏني. ٽورنامينٽ ۾ عبدالباري، وقار علي مغيري، عبدالوهاب بگٽي سميت ڪرڪيٽ راند جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رانديگرن لاءِ تاڙيون وڄائي کين خوب داد ڏنو. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني مهمان خاص جو استقبال ڪري کيس روايتي تحفا پيش ڪري سندس جو شڪريو ادا ڪيو.