قمبر ۾ ڪئنالن خلاف شاگرد نڪري آيا، ريلي، ڌرڻو

0
17
قمبر ۾ ڪئنالن خلاف شاگرد نڪري آيا، ريلي، ڌرڻو
قمبر ۾ ڪئنالن خلاف شاگرد نڪري آيا، ريلي، ڌرڻو

قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ سپاف شهيد ڀٽو طرفان شاگردن سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ ورسٽي جي شاگردن تي تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ اياز ميرجت، شعيب مگسي،نويد گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو اسان جي سڃاڻپ ۽ پاڻي جياپو آهي، وفاق پنجاب جي چوڻ تي درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، سرڪار سنڌ جي ماڻهن کي هيسائڻ ۽ احتجاج کان روڪڻ لاءِ سنڌ ورسٽي جي شاگردن جي پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائي شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيا، هنن مطالبو ڪيو ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.