قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهداءِ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ محمد علي هڪڙو، برڪت ميرجت، نذير احمد تنيو، اياز ٻرڙو، محمد جان بروهي، پيارل پنهور، محبوب راهوجو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، روزانو جي بنياد تي شهر ۾ ڏوهن جا 7 کان وڌيڪ واقعا ٿين ٿا، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي.