قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پڙھائي دوران ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، خبر موجب شهر جي باگوديرو محلي جي نئين تعمير ٿيندڙ پرائمري اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪالهه ٻارڙا ڀر ۾ واقع بوائز هاءِ اسڪول جي پراڻي زبون حال بڻيل اسڪول جي عمارت ۾ پڙي رهيا هئا ته پهرين ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيا، جنهن سبب استادن ۽ ٻارن ۾ خوف هراس ڇانئجي ويو، جڏهن ته چاپڙ ڪرڻ دوران ٻارڙا محفوظ رهيا، اسڪول جي هيڊ ماستر احمد علي بروهي، استاد عبدالخالق چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال هئڻ سبب ان کي ڊاهي سندس جاءِ تي پرائمري اسڪول جي نئين عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو پر 5 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هنن اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.