قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پراڻي تڪرار تان دعوت تي آيل چڱي مڙس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. ان ڏس ۾ ڊرگهه ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ٺوڙهي بجار ۾ ڳوٺاڻي الهندو تنيو جي دعوت ۾ برادري جو چڱو مڙس ياروديرو واسي عبدالجبار تنيو پهتو ته اڳواٽ مورچا بند ٿي ويٺل سندس ئي برادري جي ماڻهن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 40 ورهين جو سڌير تنيو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب چڱي مڙس جو ڀائٽيو قربان عرف پپن تنيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان فائر ڪيا ويا، اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش ۽ زخمي کي کڻائي  قمبر اسپتال آندو، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻه اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي ڀاء بلاول تنيو جو چوڻ هو ته عبدالمالڪ عرف ڀولو تنيو ۽ سندس ساٿين فائرنگ  ڪئي، جنهن ۾ منهنجو پورهيت ڀاء گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جڏهن ته گولي لڳڻ سبب ساڻس گڏ آيل چڱي مڙس جو ڀائٽيو قربان عرف پپن تنيو زخمي ٿي پيو، پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش ڳوٺ آندو ويو ته روڄ راڙو پئجي ويو،ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاء ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي واقعي واري هنڌ گهرايو ويو، ٿاڻي جي ايس ايڇ او سلام چانڊيو جو چوڻ هيو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته تنيا برادري جي پڳ جي معاملي تان واقعو پيش آيو آهي،جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي نه ئي وري واقعي جو ڪيس داخل ٿيو هيو

سرداري پڳ تان يارو ديرو ۽ چوديرو واسي تنين ۾ تڪرار هلندڙ

قمبر : قمبر ضلعي جي تنيا برادري جي چڱي مڙس،سرداري پڳ جي معاملي تان يارو ديرو واسي حاجي عبدالجبار تنيو ۽ چوديرو واسي الطاف حسين تنيو جي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن طرفان سوشل ميڊيا تي سندن حمايت ۾ پوسٽون به رکيون ويون هيون، مٿي ڄاڻايل ٻئي ڄڻا پنهنجي حمايت ۾  برادري جي ماڻهن سان ڳوٺن م وڃي گڏجاڻيون ڪري رهيا هئا. ان سلسلي ۾ حاجي عبدالجبار تنيو ڳوٺ ٺوڙهي بجار ۾ الهندو تنيو جي دعوت تي پهتو ته سندس مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ ڳوٺاڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته گولي لڳڻ سبب سندس ڀائٽيو زخمي ٿي پيو